پ پ جو پاڻي کوٽ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

پيپلز پارٽي صوبي ۾ پاڻي کوٽ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو ته بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي کانپوءِ هاڻ سنڌ کي پاڻي کوٽ جو تحفو به ڏنو پيو وڃي، جنهن تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي.

هن چيو ته هاڻ پ پ ان ڪنهن به صورت ان معاملي تي چُپ نه ويهندي، اسان ارسا کي سنڌ جي حصي جو پاڻي چوري ڪرڻ نه ڏينداسين، سنڌ کي معاهدي موجب پاڻي ڏنو وڃي، ٺٽي ۾ پاڻي کوٽ سبب ماڻهو فصل به پوکي سگهيا.

نثار کهڙي اعلان ڪيو ته پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪنداسين، 3 جون تي لاڙڪاڻي جي ضلعن ۾ احتجاج ڪيو ويندو، جڏهن ته 5 جون تي ٺٽي ۽ بدين ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا، 9 جون تي سکر ۽ 15 جون تي ڪراچي ۾ احتجاج ڪنداسين.

سندس چوڻ هو ته اسان جي ڳالهه نٿي ٻڌي وڃي، ابتو اسان جي بي عزتي ڪئي پئي وڃي، پاڻي گهٽ آهي ته سڀني کي گهٽ ملڻ گهرجي، رڳو سنڌ کي گهٽ پاڻي ڇو پيو ڏنو وڃي؟

Read Previous

اڪشي ڪمار فلم ۾ پاڪستان مخالف اسڪرپٽ تي ڪهڙو ردعمل ڏنو؟

Read Next

بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏينداسين: وزيراعظم

Most Popular