بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏينداسين: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ايندڙ بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏينداسين.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ حڪومتي ۽ پارٽي ترجمانن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ معاشي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته بجيٽ جي منظوري سميت ٻين معاملن تي به ڳالهيون ٿيون.

اجلاس ۾ ترجمانن معاشي انگن اکرن ۾ بهتري تي وزيراعظم کي مبارڪون ڏنيون.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان چيو ته معيشت سڌي رُخ ڏانهن وڃي رهي آهي، ترجمان معيشت ۾ بهتري بابت عوام کي آگاهه ڪن.

Read Previous

پ پ جو پاڻي کوٽ خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو اعلان

Read Next

پ پ ۽ اي اين پي کي پنهنجو رستو مبارڪ هجي: شاهد خاقان عباسي

Most Popular