اسان سان سياست نه انصاف ڪيو وڃي: جهانگير ترين

تحريڪ انصاف اڳواڻ جهانگير ترين چيو آهي ته  اسان سان سياست ڪرڻ بدران انصاف ڪيو وڃي.

لاهور جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته عمران خان جاچ لاءِ بئريسٽر علي ظفر کي مقرر ڪيو هو، ان وڏي محنت سان جاچ کي مڪمل ڪيو، اميد هئي رپورٽ منظر تي ايندي پر اڄ مئي جو آخري ڏينهن به اچي ويو رپورٽ منظر تي نه آئي.

هن چيو اڳڪٿيون آهن ته علي ظفر زباني رپورٽ ڏئي ڇڏي آهي ۽ اهي اڳڪٿيون به آهن ته رپورٽ مون لاءِ هاڪاري آهي، عمران خان انصاف جو واعدو ڪيو هو، ڪيترائي ڏينهن گذري ويا، هاڻ انصاف ملڻ گهرجي، اسان سان سياست نه ڪئي وڃي.

سندس موجب علي ظفر جيڪو چيو آهي، اهو منظر تي اچڻ گهرجي، اسان کي ڪجهه اهڙين ڳالهين جي خبر آهي، جيڪا ميڊيا کي نٿا ٻڌائي سگهون.

هڪ سوال جي جواب ۾ جهانگير ترين چيو ته نذير چوهاڻ تي ڪيس ٿيو، ان سان ڳالهه بگڙي وئي آهي.

Read Previous

پ پ ۽ اي اين پي کي پنهنجو رستو مبارڪ هجي: شاهد خاقان عباسي

Read Next

افغانستان ۾ مختلف حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا اجل جو شڪار

Most Popular