افغانستان ۾ مختلف حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا اجل جو شڪار

افغانستان ۾ مختلف حملن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 11 ڄڻا مارجي ويا.

اتر افغانستان ۾ هڪ شادي تقريب دوران اتي مارٽر گولا ڪرڻ جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

ڪاپيسا صوبي جي پوليس کاتي جي ترجمان موجب طالبان تگاب ضلعي ۾ هڪ سيڪيورٽي چيڪ پوائنٽ کي نشانو بڻايو ۽ ان دوران مارٽر گولا هڪ رهائشي علائقي ۾ وڃي ڪِريا، جتي شادي تقريب هلي رهي هئي، نتيجي ۾ عورت ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا مارجي ويا.

هوڏانهن طالبان اهڙي الزام کي رد ڪندي چيو آهي ته اهي مارٽر حملا پوليس طرفان ڪيا ويا، جيڪي هڪ سويلين علائقي ۾ وڃي ڪِريا.

Read Previous

اسان سان سياست نه انصاف ڪيو وڃي: جهانگير ترين

Read Next

چيلسي، مانچسٽر کي هارائي چيمپيئنز ليگ کٽي ورتي

Most Popular