بلاول جي اسد طور سان عيادت، جاچ نتيجا جلد سامهون آڻڻ جو مطالبو

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان اظهار جي آزادي جي جدوجهد ۾ صحافي برادري سان گڏ بيٺا آهيون.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحافي اسد طور سان عيادت لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو، جتي هن اسد طور سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ اظهار جي آزادي جي جدوجهد ۾ صحافي برادري سان گڏ بيٺي آهي، اختلاف راءِ تي آوازن کي چِٿڻ جي ڪوششن جي هر عمل جي اسان مذمت ڪيون ٿا.

هن چيو ته اظهار جي آزادي تي اهڙي قسم جا حملا بلڪل برداشت نه ڪيا ويندا، مان انساني حقن جي اسٽينڊنگ ڪميٽي چيئرمين طور ان حملي جو نوٽيس وٺان ٿو ۽ ڪميٽي جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ ان مسئلي کي اٿاريو ويندو.

سندس چوڻ هو ته جڏهن کان هيءَ هٿ ٺوڪي حڪومت آئي آهي، تڏهن کان نه صحافت آزاد آهي ۽ نه ئي صحافي محفوظ، صحافي اسد طور تي تشدد جي واقعي جي جاچ جا نتيجا فوري طور سامهون آندا وڃن.

Read Previous

خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب گوڙ پيا ڪن ته بلوچستان کي وڌيڪ پئسو ڏنو ويو: وزيراعظم

Read Next

”آءِ ايم ايف کان قرض وٺي سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ خطرناڪ آهي“

Most Popular