”آءِ ايم ايف کان قرض وٺي سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ خطرناڪ آهي“

جسٽس منيب اختر

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته خيبر پختونخواهه جا سرڪاري ادارا پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جي قابل ناهن.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ خيبر پختونخواهه جي ٻيلي کاتي جي ملازم فضل مختار جي پينشن ادائيگي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست گذار جي وڪيل دليل ڏنا ته 1989 ۾ پراجيڪٽ تي فاريسٽ گارڊ ڀرتي ٿيو ۽ 1994 ۾ فارغ ڪيو ويو، ان ئي وقت فريش اپائٽمنٽ ڪئي وئي، هاڻ پينشن جي ادائيگي دوران 40 ورهين جي سروس ڪائونٽ ناهي ڪئي وئي.

عدالت فاريسٽ گارڊ فضل مختار جي پينشن ادائيگي بابت اپيل رد ڪري ڇڏي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل خيبر پختونخواهه قاسم ودود کي چيو ته صوبي جا سرڪاري ادارا پگهارون ۽ پينشن ڏيڻ جي قابل ناهن، صوبي ۾ سرڪاري ادارن ۾ ماڻهن کي ملازمتن تي لڳائي ڀريو ويو آهي، توهان جي حڪومت آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ کان قرض وٺي رهي آهي، اهو طريقو خطرناڪ آهي ته قرض وٺي سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏنيون پيون وڃن، ڇا ڪي پي ۾ سرڪاري نوڪري کانسواءِ روزگار لاءِ ڪو ٻيو ذريعو ناهي.

Read Previous

بلاول جي اسد طور سان عيادت، جاچ نتيجا جلد سامهون آڻڻ جو مطالبو

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي ٻه وڪيل عورتون گرفتار

Most Popular