پاڪستان پنهنجي ڪورونا ويڪسين ”پاڪ ويڪ“ متعارف ڪرائي ڇڏي

پاڪستان پنهنجي پهرين ڪورونا ويڪيسين ”پاڪ ويڪ“ متعارف ڪرائي ڇڏي.

پاڪستان ۾ تيار ٿيندڙ پهرين ڪورونا ويڪسين جي لانچنگ تقريب اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن ۾ اين سي او سي سربراهه اسد عمر، صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، چيني سفير، اين آءِ ايڇ سربراهه ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

صحت واري وزارت جي اختيارين موجب پاڪ ويڪ پاڪستان ۾ تيار ۽ پيڪ ٿيندڙ پهرين ويڪسين آهي، پاڪ ويڪ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ ۾ تيار ۽ پيڪ ڪئي وئي آهي، پاڪ ويڪ چين مان درآمد سائنو ويڪ جي ڪچي مال مان تيار ڪئي وئي آهي ۽ اها ويڪسين چيني ماهرن جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي آهي.

تقريب سان خطاب ڪندي اسد عمر چيو ته ايمرجنسي ۾ اين سي او سي اهم ڪم ڪيو، ڪورونا ۾ اسپتالن جي صورتحال ۾ ڪجهه بهتري آندي سين، پهرين لهر جي ڀيٽ ۾ ٽين لهر ۾ اسپتالن ۾ مريضن جو انگ وڌيڪ هو.

Read Previous

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي ٻه وڪيل عورتون گرفتار

Read Next

مون کي ٽڪ ٽاڪ تي فالو ڪيو: حسن علي

Most Popular