اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي ٻه وڪيل عورتون گرفتار

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملي ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ تي ٻن عورت وڪيلن کي گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.

اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ حملي ڪيس ۾ 5 وڪيلن جي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي کانپوءِ درخواستون رد ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو.

ضمانت رد ٿيڻ تي ٻن عورت وڪيلن بشريٰ سليم ۽ شهلا بي بي کي عدالتي ڪمري ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، جن کي عدالت جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، جڏهن ته ٽن وڪيلن معراج ترين، شائسته تبسم ۽ ياسمين سنڌو جون به ضمانت جون درخواستون رد ٿيون پر اهي عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ سبب انهن جي گرفتاري نه ٿي سگهي.

Read Previous

”آءِ ايم ايف کان قرض وٺي سرڪاري ملازمن کي پگهارون ڏيڻ خطرناڪ آهي“

Read Next

پاڪستان پنهنجي ڪورونا ويڪسين ”پاڪ ويڪ“ متعارف ڪرائي ڇڏي

Most Popular