سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙ سرڪاري ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا ويڪسين نه هڻائيندڙ سرڪاري ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي.

سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪورونا ٽاسڪ فورس اجلاس ۾ صوبي ۾ ڪورونا جي صورتحال تي غور ڪيو ويو ۽ ويڪسينيشن جي انگن اکرن جو به جائزو ورتو ويو.

ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته جيڪي سرڪاري ملازم ويڪسين نٿا لڳرائن، انهن جون پگهارون بند ڪيون وڃن.

هن ناڻي واري وزارت کي هدايت ڪئي ته ويڪسين نه لڳرائيندڙ ملازمن جون پگهارون جولاءِ کان بند ڪيون وڃن.

هوڏانهن سنڌ جي صحت کاتي موجب صوبي ۾ هيل تائين 15 لک 50 هزار 553 ماڻهن کي ويڪسين هنئي وئي آهي، جن مان 11 لک 21 هزار ماڻهو پهريون ڊوز ۽ 4 لک 29 هزار ماڻهو ٻيو ڊوز به لڳرائي چڪا آهن.

Read Previous

وديا بالن پنهنجي فلم ”شيرني“ جو ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

پاڪستان سپر ليگ 6 جي رهيل ميچن جو شيڊيول جاري

Most Popular