پاڪستان سپر ليگ 6 جي رهيل ميچن جو شيڊيول جاري

پاڪستان سپر ليگ 6 جي رهيل ميچن جي شيڊيول جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب رهيل ميچن جي شروعات 9 جون کان لاهور قلندرز ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ وچ ۾ ميچ سان ٿيندي، جڏهن ته ايونٽ جو فائنل 24 جون تي کيڏيو ويندو، سموريون ميچون ابوظهبي ۾ کيڏيون وينديون.

ڪواليفائر ۽ هڪ ايليمينيٽر سميت 6 ڊبل هيڊرز (هڪ ڏينهن ۾ ٻه ميچون) کيڏيون وينديون، ميچون پاڪستاني وقت موجب رات 9 وڳي ٿينديون، جڏهن ته ڊبل هيڊرز واري ڏينهن پهرين ميچ شام 6 وڳي، جڏهن ته ٻي رات يارهين وڳي شروع ٿيندي.

واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ 6 جي شروعات 20 فيبروري کان ڪراچي ۾ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ لاهور ۾ به ميچون ٿيڻيون هيون پر ڪجهه رانديگرن کي ڪورونا وائرس ٿيڻ سبب ايونٽ ملتوي ڪيو ويو هو.

Read Previous

سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين نه لڳرائيندڙ سرڪاري ملازمن جون پگهارون بند ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

”پ پ جمهوريت کي نقصان پهچايو، استعيفائن جي موقف تي قائم آهيون“

Most Popular