شادي بابت ملالا جي بيان تي شوبز شخصيتن جو سخت رد عمل

ملالا يوسفزئي جي شادي بابت بيان تي شوبز شخصيتن جو رد عمل به سامهون اچي ويو آهي. ملالا يوسفزئي برطانوي فيشن ميگزين ووگ  کي انٽرويو دوران شادي بابت ڏنل بيان تي تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ پاڪستان ۾ اهو معاملو هن وقت ٽوئٽر تي ٽاپ ٽرينڊز ۾ شامل آهي.

انٽرويو دوران ملالا چيو هو ته مون کي اهو سمجهه نه پيو اچي ته ماڻهو شادي ڇو ڪندا آهن؟ جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي پنهنجي زندگي جو حصو بنائڻ چاهيو ٿا ته ان جي لاءِ اوهان کي شادي جي ڪاغذن تي صحيح ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ اها هڪ پارٽنر شپ ڇو نٿي ٿي سگهي. ملالا جي ان بيان کان پوءِ شوبز جي اهم شخصيتن طرفان ملالا کي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. اداڪار فيروز خان ووگ ميگزين جي فرنٽ پيج کي شيئر ڪندي ملالا کي ڪٺ پتلي قرار ڏنو.

Read Previous

پاڪستان سپر ليگ 6 جي رهيل ميچن جو شيڊيول جاري

Read Next

دبئي سفري پابندين جو نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو، پاڪستان تي پابندي برقرار

Most Popular