دبئي سفري پابندين جو نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو، پاڪستان تي پابندي برقرار

ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ دبئي ايوي ايشن پاڪستاني مسافرن سميت 7 ملڪن تي پابندي برقرار رکي آهي.

رپورٽ موجب دبئي سول ايوي ايشن اختيارين سفري پابندين جو نئون هدايت نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ پاڪستاني مسافرن سميت 7 ملڪن تي پابندي برقرار رکي وئي آهي. پابندي وارن ملڪن ۾ پاڪستان کان علاوه  ڀارت، بنگلاديش، نيپال، سريلنڪا، نائيجيريا ۽ ڏکڻ آفريقا شامل آهن.

Read Previous

شادي بابت ملالا جي بيان تي شوبز شخصيتن جو سخت رد عمل

Read Next

جسقم چيئرمين صنعان قريشي گرفتار، مختلف شهرن ۾ احتجاج

Most Popular