ڏهرڪي ڀرسان ملت ۽ سرسيد ايڪسپريس ۾ خوفناڪ ٽڪر،50 مسافر فوت، 160 زخمي

ڏهرڪي ڀرسان ريتي ۾ ملت ايڪسپريس ۽ سرسيد ايڪسپريس ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 50 مسافر فوت ، جڏهن ته 160 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿي پيا.

حادثو رات دير سان ان وقت پيش آيو، جڏهن سرگوڌي ويندڙ ملت ايڪسپريس جون 10 کان وڌيڪ بوگيون پٽڙيءَ تان لهي ويون ۽ ٻئي پاسي کان ايندڙ سرسيد ايڪسپريس انهن بوگين سان ٽڪرجي پئي.

فوتين ۾ لوڌران جو رهواسي سميع الله، نوابشاهه جو  محمد مبشر مقدس،  لوڌران جي مائي علم خاتون سميت ٻيا شامل آهن ۽ ڪيترن ئي لاشن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، جن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن.

حادثي کانپوءِ اوٻاوڙو اسپتال ۾ 21 لاش آندا ويا، جڏهن ته باقين کي ڏهرڪي ۽  ميرپور ماٿيلي جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو.

هوڏانهن امدادي ڪارروايون تيزي سان جاري رهيون،  پني عاقل کان پاڪ فوج جا جوان ريسڪيو طور  انتظام سنڀالڻ لاءِ پهچي ويا، جڏهن ته ڊي سي گهوٽڪي، ايس ايس پي گهوٽڪي، رينجرز ڪمانڊر سميت ضلعي جي سڄي انتظاميا حادثي واري هنڌ تي پهتل هئي.

Read Previous

پي ايس ايل 6 جي رهيل ميچن لاءِ آفيشلز جو اعلان ٿي ويو

Read Next

راکي ساونت چِتائي ڏسندڙ واٽهڙو تي ڏمرجي پئي

Most Popular