راکي ساونت چِتائي ڏسندڙ واٽهڙو تي ڏمرجي پئي

ڀارتي اداڪارا راکي ساونت چِتائي ڏسندڙ واٽهڙو کي ست سُريون ٻڌائي ڇڏيون.

راکي ساونت جي هڪ تازي ويڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ صحافين سان گفتگو دوران هوءَ واٽهڙو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نظر اچي رهي آهي.

راکي ساونت جي صحافين سان گفتگو دوران هڪ واٽهڙو کيس چتائي ڏسي ٿو، جنهن تي اداڪارا کيس چئي ٿي ته ”انڪل توهان وڃو، مان انٽرويو ڏئي رهي آهيان مون کي ڇو ڏسي رهيا آهيو، ڪڏهن ڇوڪري ناهي ڏٺي ڇا توهان؟ وڃو توهان جو ايڪسيڊنٽ نه ٿي وڃي“.

Read Previous

ڏهرڪي ڀرسان ملت ۽ سرسيد ايڪسپريس ۾ خوفناڪ ٽڪر،50 مسافر فوت، 160 زخمي

Read Next

سنڌ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني برداشت نه ڪنداسين، ڦٽڻ تي لوڻ ٻُرڪڻ ڪو وفاق کان سکي: مراد علي شاهه

Most Popular