اونٽاريو رياست ۾ هڪ ٽرڪ ڊرائيور مسلمان خاندان مٿان ٽرڪ چاڙهي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪينڊا جي رياست اونٽاريو جي شهر لنڊن مان هڪ 20 ساله نوجوان نيتهينيل ولنهمين مسلمان خاندان مٿان ٽرڪ چاڙهي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ ان خاندان جا چار ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته هڪ 9 ساله ٻارڙو سخت زخمي ٿي پيو. ڪينيڊين پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ڄاڻي واڻي فٽ پاٿ تي انتظار ۾ بيٺل خاندان تي حملو ڪيو. جڏهن ته جوابدار جو اهو قدم مذهبي منافقت تي ٻڌل هو.
پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويندڙن ۾ 2 عورتون جنهن جون عمرون 74 ۽ 44 سال، هڪ 46 ساله شخص ۽ هڪ 15 ساله ڇوڪري شامل آهي. جڏهن ته ان خاندان جو اڪيلو بچي ويندڙ هڪ 9 ساله ڇوڪرو سخت زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آهي. ان حوالي سان ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان لنڊن سميت سموري ملڪ جي مسلمان ڪميونٽي سان گڏ آهيون. هن چيو ته ڪينيڊا ۾ اسلاموفبيا لاءِ ڪابه جڳهه نه آهي ۽ هي نفرت مذمت جوڳي آهي. ان کي روڪڻو پوندو.