وسيم اختر سميت ست ايم ڪيو ايم اڳواڻ چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيسن مان بري

چڙ ڏياريندڙ تقريرن جي 21 ڪيسن مان ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي بري ڪيو ويو. ڪراچي جي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي خلاف چڙ ڏياريندڙ تقريرن جي 21 ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت ايم ڪيو ايم اڳواڻن طرفان داخل بريت جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائيندي انهن جي 21 ڪيسن ۾ بريت جي درخواست منظور ڪري ورتي. بري ٿيندڙ اڳواڻن ۾ رئوف صديقي، فاروق ستار، وسيم اختر، خواجه اظهار، سلمان مجاهد ۽ ٻيا شامل آهن. ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي خلاف ايم ڪيو ايم جي باني جي چڙ ڏياريندڙ تقريرن ۾ سهولتڪاري جا ڪيس داخل هئا.

فيصلي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي فاروق ستار چيو ته 7 جوابدار بري ٿيا آهن. گذريل 6  سالن کان ڪيس هلي رهيا هئا. جيڪو صرف تاڙيون وڄائڻ ۽ تقرير ڪرائڻ جو هو اسان جي خلاف ان پسمنظر جا ٻيا ڪيس به ختم ٿيڻ گهرجن.

فاروق ستار چيو ته 2016 ۾ پنهنجي پاليسي واضح ڪئي. اسان ته ڌار ٿي وياسين پر ان ڪيسن جي ذريعي اسان کي جوڙيو پيو وڃي. هاڻ گم ٿي ويل ڪارڪنن ۽ بي گناهه ڪارڪنن کي ٻاهر اچڻ گهرجي.

Read Previous

اسلاموفوبيا: ڪينيڊا ۾ ٽرڪ ڊرائيور پاڪستاني مسلمان خاندان کي چيڀاٽي ڇڏيو، 4 ڄڻا فوت

Read Next

لاهور هاءِ ڪورٽ ايف بي آر کي جهانگير ترين شوگرملز جي آڊٽ ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

Most Popular