اسلاموفوبيا: ڪينيڊا ۾ ٽرڪ ڊرائيور پاڪستاني مسلمان خاندان کي چيڀاٽي ڇڏيو، 4 ڄڻا فوت

اونٽاريو رياست ۾ هڪ  ٽرڪ ڊرائيور مسلمان خاندان مٿان ٽرڪ چاڙهي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ڪينڊا جي رياست اونٽاريو جي شهر لنڊن مان هڪ 20 ساله نوجوان نيتهينيل ولنهمين مسلمان خاندان مٿان ٽرڪ چاڙهي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ ان خاندان جا چار ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته هڪ 9 ساله ٻارڙو سخت زخمي ٿي پيو. ڪينيڊين پوليس جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ڄاڻي واڻي فٽ پاٿ تي انتظار ۾ بيٺل خاندان تي حملو ڪيو. جڏهن ته جوابدار  جو اهو قدم مذهبي منافقت تي ٻڌل هو.

پوليس موجب حادثي ۾ فوت ٿي ويندڙن ۾ 2 عورتون جنهن جون عمرون 74 ۽ 44 سال، هڪ 46 ساله شخص ۽ هڪ 15 ساله ڇوڪري شامل آهي. جڏهن ته ان خاندان جو اڪيلو بچي ويندڙ هڪ 9 ساله ڇوڪرو سخت زخمي حالت ۾ اسپتال ۾ داخل آهي. ان حوالي سان ڪينيڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته اسان لنڊن سميت سموري ملڪ جي مسلمان ڪميونٽي سان گڏ آهيون. هن چيو ته ڪينيڊا ۾ اسلاموفبيا لاءِ ڪابه جڳهه نه آهي ۽ هي نفرت مذمت جوڳي آهي. ان کي روڪڻو پوندو.

Read Previous

آءِ ايم ايف پاران بجلي ۽ گيس مهانگو ڪرڻ جو دٻاءُ: شوڪت ترين مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Read Next

وسيم اختر سميت ست ايم ڪيو ايم اڳواڻ چڙ ڏياريندڙ تقريرن واري ڪيسن مان بري

Most Popular