ڏهرڪي ٽرين حادثي ۾ فوتين جو انگ 65 ٿي ويو

ڏهرڪي ڀرسان ريل حادثي ۾ فوتين جو انگ وڌي 65 ٿي ويو، جڏهن ته گهڻن زخمين جي حالت نازڪ هجڻ سبب فوتين جو انگ اڃا وڌڻ جو خدشو آهي.

ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل موجب انجڻ هيٺان ڦاٿل بوگي مان وڌيڪ لاش ڪڍيا ويا آهن، اڱاري ڏينهن ڪڍيل 10 کان 12 لاش اهڙن ماڻهن جا هئا، جيڪي ڄڃ سان گڏ سفر ڪري رهيا هئا.

ٽرين حادثي جو فوتين جو انگ هاڻ 65 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 100 کان وڌيڪ زخمين مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتين جو انگ اڃا وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ڏهرڪي ڀرسان ملت ۽ سرسيد ايڪسپريس ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ فوت، جڏهن ته 150 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا.

Read Previous

مڪمل فٽ آهيان، سئو سيڪڙو پرفارم ڪرڻ لاءِ تياري مڪمل آهي: نسيم شاهه

Read Next

وفاقي بجيٽ پيش، پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار رپيا مقرر

Most Popular