وفاقي بجيٽ پيش، پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ، گهٽ ۾ گهٽ اجرت 20 هزار رپيا مقرر

ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين وفاقي بجيٽ 22-2021 پيش ڪندي چيو آهي ته وفاقي بجيٽ جو ڪاٿو 8 هزار 487 ارب رپيا رکيو ويو آهي، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ايڊهاڪ واڌ ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته پينشن ۾ به 10 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي.

قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪندي شوڪت ترين ٻڌايو ته ملڪ ۾ مهانگائي کي ڏسندي گهٽ کان گهٽ اجرت 20 هزار رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز آهي، پگهاردار طبقي تي ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو، طاقتور گروپن کي ملندڙ ٽيڪس ڇوٽ جو خاتمو ڪيو ويندو، مقامي طور تي تيار گاڏين تي سيلز ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو مان گهٽ ڪري 12.5 سيڪڙو ڪئي پئي وڃي.

Read Previous

ڏهرڪي ٽرين حادثي ۾ فوتين جو انگ 65 ٿي ويو

Read Next

وفاقي حڪومت بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت خبردار ڪري ڇڏيو

Most Popular