ڪراچي: بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ باهه لڳي وئي

ڪراچي ۾ بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ باهه لڳي وئي، جنهن تي ٻن ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ ضابطو آندو ويو.

ڪراچي جي علائق ڪلفٽن ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي رهائشگاهه بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ باهه لڳي.

فائر برگيڊ اختيارين موجب اطلاع تي شهر جي مختلف مرڪزن مان باهه وسائيندڙ عملو ۽ 6 فائر ٽينڊر باهه وسائڻ لاءِ پهچي ويا ۽ 2 ڪلاڪن جي جدوجهد کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو.

پوليس جي شروعاتي رپورٽ موجب باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، جڏهن ته ان دوران ميڊيا سيل ۾ رکيل باهه وسائڻ وارا سئلينڊر به ڌماڪي سان ڦاٽي پيا.

Read Previous

بجيٽ کانپوءِ ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ٿي ويندي: وزيراعظم

Read Next

پنهنجي ڀيٽ کدڙي سان ڪري ايمان علي تنقيد جي ور چڙهي وئي

Most Popular