بجيٽ کانپوءِ ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ٿي ويندي: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بجيٽ کانپوءِ ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ٿي ويندي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان اقتدار ۾ آياسين ته معيشت جي حالت بدترين هئي، پهرين ٻن سالن ۾ معيشت جي بحالي سبب عوام کي رليف نه ڏئي سگهياسين، مون کي اسيمبلي ميمبرن جي مسئلن جو به احساس آهي، عوامي ردعمل کي سڀ کان وڌيڪ منهن توهان ڏنو.

سندس چوڻ هو ته معيشت بحال ٿي چڪي آهي، هاڻ اسان ترقي ڏانهن وڃي رهيا آهيون، بجيٽ کانپوءِ ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار تيز ٿي ويندي، ڪمزور طبقي کي رليف ڏيڻ تي فوڪس آهي، ماضي ۾ سدائين مٿين طبقي جو سوچي بجيٽ ٺاهي وئي.

Read Previous

جهانگير ۽ علي ترين جي ڪيس ۾ گرفتاري جي ضرورت ناهي: ايف آءِ اي

Read Next

ڪراچي: بلاول هائوس جي ميڊيا سيل ۾ باهه لڳي وئي

Most Popular