ڪوڙا اڪائونٽس ڪيس: احتساب عدالت آصف زرداري کي 29 جون تي طلب ڪري ورتو

احتساب عدالت ڪوڙي اڪائونٽس ڪيس ۾ آصف زرداري کي 29 جون تي طلب ڪري ورتو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت جي جج سيد اصغر علي ڪوڙي بينڪ اڪائنوٽس جي 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن بابت نيب ريفنس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت آصف زرداري کي سمن جاري ڪندي پنجين نيب ريفرنس ۾ هن جي مبينا فرنٽ مين مشتاق احمد سميت ٻين جوابدارن کي طلب ڪري ورتو.

احتساب عدالت جي جج اصغر علي عدالتي عملي کي هدايت ڪئي ته جوابدارن کي پيشي جا سمن موڪليو.

Read Previous

پيٽرول جي اگهن ۾ 4 رپين کان وڌيڪ واڌ جا امڪان

Read Next

پاڪستان: ڪورونا سبب وڌيڪ 34 فوتگيون، مثبت ڪيسن جي شرح 2.59 ريڪارڊ

Most Popular