پاڪستان: ڪورونا سبب وڌيڪ 34 فوتگيون، مثبت ڪيسن جي شرح 2.59 ريڪارڊ

ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 34 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 2.59 رهي.

پاڪستان ۾ ڪورونا جا انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ڪورنا وائرس جون 39214 ٽيسٽون ڪيون ويون جنهن مان 1019 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس سبب 34 فوتگيون ٿيون.

سرڪاري پورٽل موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.59 سيڪڙو رهي.

Read Previous

ڪوڙا اڪائونٽس ڪيس: احتساب عدالت آصف زرداري کي 29 جون تي طلب ڪري ورتو

Read Next

نائجيريا: هٿياربندن جي ڳوٺ ۾ قهري ڪارروائي، 90 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

Most Popular