نائجيريا ۾ هٿياربندن هڪ ڳوٺ تي حملو ڪري 90 کان وڌيڪ ماڻهن کي ماري وڌو.
نائجيرين ميڊيا پوليس جي حوالي سان ٻڌايو ته ملڪ جي اتر اولهه علائقي ۾ هٿياربندن 90 کان وڌيڪ ماڻهن کي رات جي وقت ڪيل حملن ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو.
ان حملن کانپوءِ رياستي گورنر مقامي رهواسين کي چيو آهي ته اهي حملو ڪندڙن خلاف اُٿي بيهن ۽ کين منهن ٽوڙ جواب ڏين.