ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف بي اعتمادي رٿ جمعي تي پيش ڪرڻ جو فيصلو

اپوزيشن قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي خلاف  بي اعتمادي جي رٿ جمعي تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.

رٿ قومي اسيمبلي جي قائدي 12 ۽ آئين جي آرٽيڪل 53 جي شق 7 جي تحت پيش ڪئي ويندي. بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪرڻ واري ڏينهن ايوان ۾ ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي. ڊپٽي اسپيڪر رٿ تي فيصلو ٿيڻ تائين اجلاس جي صدارت نه ڪري سگهندو.

بي اعتمادي جي رٿ تي اپوزيشن ميمبرن جون صحيحون آهن. تحريڪ جي حمايت لاءِ به هڪ چوٿائي ميمبرن(68) جي حمايت لازمي هوندي. اپوزيشن مذڪوره انگ پورو نه ڪري سگهي ته رٿ کي رد سمجهيو ويندو. رٿ تي بحث به ڪرائي ويندي. ڊپٽي اسپيڪر کي به 15 منٽ الزامن جو جواب ڏيڻ لاءِ موقعو ڏنو ويندو. رٿ تي ووٽنگ ڳجهي راءِ شماري جي ذريعي ٿيندي.

ميمبرن جي اڪثريت سان قرارداد منظور ٿيڻ تي ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي عهدي تان برطرف ٿي ويندو. هن وقت ايوان ۾ حڪومت ۽ اتحادي ميمبرن جو انگ 180 آهي. اپوزيشن اتحاد جي ميمبرن جو انگ  162 کان وڌيڪ آهي.

Read Previous

آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپن شپ جي فاتح ۽ رنر اپ ٽيم لاءِ انعام جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

بجيٽ غريب سان مذاق آهي، منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: شهباز شريف

Most Popular