بجيٽ غريب سان مذاق آهي، منظور ٿيڻ نه ڏينداسين: شهباز شريف

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته تازي بجيٽ عوام سان مذاق آهي، جنهن جي منظور ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ ان خلاف ڀِت بڻجي بيهنداسين.

قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي شهباز شريف چيو ته بجيٽ ۾ 120 ارب رپين جا نوان ٽيڪس هنيا پيا وڃن، توهان نئون پاڪستان ته نه ٺاهيو، قوم لاءِ ڪجهه ته ڪري ڏيکاريو ها، تقريرن ۽ ڳالهين سان قومون ناهن ٺهنديون، رات ڏينهن محنت ڪرڻي پوندي آهي، ڊڪٽيٽر شپ يا فاشزم ناهي جو ڏنڊي سان هر شئي هلايو.

هن چيو ته اسان کي عوام پنهنجي نمائندگي ۽ مسئلن جي حل لاءِ موڪليو آهي، ايوان جو هر ڏينهن جو خرچ ڪروڙين رپيا آهي، هڪ هڪ لمحو ۽ هڪ هڪ پائي ملڪ جي امانت آهي، اپوزيشن جو فيصلو هو ته اسان ڳالهائينداسين، حڪومت جي ڳالهه به ٻڌنداسين، ايوان ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو انتهائي افسوسناڪ هو، سڄي دنيا ۾ غلط پيغام ويو آهي.

ن ليگ صدر اپوزيشن کي گڏ کڻي هلڻ جي صلاح ڏيندي اسپيڪر کان تڙتڪڙ ۾ ڪئي ويندڙ قانون سازي تي ڪميٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن تي اسپيڪر خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته هڪ جوائنٽ ڪميٽي ٺهندي، جيڪا تازي قانون سازي جو جائزو وٺندي.

Read Previous

ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف بي اعتمادي رٿ جمعي تي پيش ڪرڻ جو فيصلو

Read Next

ڪي اليڪٽرڪ جي محمود آباد گرڊ اسٽيشن غير قانوني قرار

Most Popular