ڪينيڊا ۾ اسلامو فوبيا جو هڪ ٻيو واقعو، مسجد ۾ زبردستي گهڙندڙ عورت ۽ مرد گرفتار

ڪينيڊا ۾ اسلامو فوبيا جو هڪ ٻيو واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ هڪ مرد ۽ عورت مسجد ۾ زبردستي گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان ۾ ڌماڪيدار مواد لڳائڻ سميت انتظاميا کي سنگين ڌمڪيون به ڏنيون.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪينيڊا جي شهر ٽورنٽو جي علائقي اسڪاربورو ۾ موجود اسلامڪ انسٽيٽيوٽ آف ٽورنٽو ۾ هڪ عورت ۽ مرد زبردستي گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي ماڻهن فوري طور پوليس کي اطلاع ڏنو.

ميڊيا اکين ڏٺن شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو ته اڪاربورو ايريا ۾ عورت ۽ مرد مسجد ۾ زبردستي گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڌماڪيدار مواد لڳائڻ جي به ڌمڪي ڏني، جنهن تي پوليس کي گهرايو ويو.

پوليس موجب ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته انهن وٽان ڪنهن به قسم جا هٿيار يا ڌماڪيدار مواد هٿ ناهي آيو، امڪاني طور ٻئي نشي ۾ ڌت هئا.

Read Previous

ڪورونا ويڪسين: چين سان 2 ڪروڙ 75 لک کان وڌيڪ ڊوزن جي خريداري جو معاهدو طئي

Read Next

ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جو فاف ڊوپليسي پي ايس ايل کان ٻاهر

Most Popular