ڪورونا ويڪسين: چين سان 2 ڪروڙ 75 لک کان وڌيڪ ڊوزن جي خريداري جو معاهدو طئي

پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ 2 ڪروڙ 75 لک کان وڌيڪ ڪورونا ويڪسين جا ڊوز خريدڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو.

صحت واري قومي اداري طرفان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان کان سان وڏي مقدار ۾ ڪورونا ويڪسين جي خريداري ڪري ورتي آهي، ويڪسين ۾ سائينو فارم، سائينو ويڪ ۽ ڪين سائنو شامل آهن.

صحت واري قومي اداري موجب ڪورونا ويڪسين جي خريداري چين کان ڪئي وئي آهي، چين کان 2 ڪروڙ 75 لک کان وڌيڪ ڊوز خريدڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي، چيني ڪمپنين کان ڪچو مال ۽ تيار ڪورونا ويڪسين جي خريداري ڪئي وئي آهي.

Read Previous

عيد کان اڳ قرباني پيو ڏسان، ننڍي يا وڏي پر قرباني ٿيندي: منظور وساڻ

Read Next

ڪينيڊا ۾ اسلامو فوبيا جو هڪ ٻيو واقعو، مسجد ۾ زبردستي گهڙندڙ عورت ۽ مرد گرفتار

Most Popular