”تحريڪ انصاف بداخلاقي جي سياست آندي، ڀاڙي جا ترجمان آکيرن ۾ لِڪي ويندا“

سنڌ جي اطلاعات واري وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته وفاقي وزير سنڌ حڪومت کي خراب چوڻ پنهنجو فرض سمجهن ٿا، پي ٽي آءِ حڪومت گارگند، بدتميزي ۽ بداخلاقي جي سياست جو بنياد وڌو آهي.

وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي ناصر حسين شاهه چيو ته جڏهن هو زرداري صاحب خلاف بيان ڏيندو آهي ته مون کي حيرت ٿيندي آهي ته هي اهو ئي فواد چوڌري آهي، جيڪو زرداري هائوس جو طواف ڪندو هو ته متان ڪا پوزيشن ملي وڃي، فواد چوڌري سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت جا خواب ڏسي رهيو آهي پر ايندڙ چونڊن ۾ هجرت ڪندڙ پکين جيان هو ٻي ڪنهن پارٽي ۾ هجرت ڪري ويندو.

هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي سڄي ملڪ مان اميدوار نه ملندا، پي ٽي آءِ پنهنجو سياسي وجود وڃائي ويهندي ۽ ڀاڙي جا ترجمان ڀڄي پنهنجي آکيرن ۾ هليا ويندا، فواد چوڌري کي مانيٽرنگ ڪرڻي آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ ڪري، انهن کي اتي ڪرپشن نظر نه پئي اچي.

Read Previous

پاڪ ويڪ ڪورونا ويڪسين جي استعمال لاءِ گائيڊ لائنز جاري

Read Next

ڀارت افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ڪيو: پرڏيهي وزير

Most Popular