ڀارت افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ڪيو: پرڏيهي وزير

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت افغانستان جي سرزمين کي پاڪستان ۾ تخريب ڪاري لاءِ استعمال ڪيو.

افغان ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت طرفان ڪابل جي سرزمين کي پاڪستان ۾ شرپسندي لاءِ استعمال ڪرڻ تي سخت تڪليف ٿيندي آهي، افغانستان ۾ هن وقت جيڪا صورتحال آهي، ان جو ذميوار پاڪستان ناهي.

هن آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ افغانستان ۾ ڪارروائين لاءِ پاڪستاني سرزمين جي استعمال جو تاثر رد ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ خود مختيار، جمهوري ۽ پرامن افغانستان چاهي ٿو.

پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ طالبان جي ٿاڪن جي موجودگي جو امڪان رد ڪندي چيو ته انهن جي قيادت جون پاڙون افغانستان ۾ آهن، اسان امن لاءِ ڀائيواري تي يقين رکون ٿا، افغانستان ۾ امن جي ڀائيواري لاءِ تيار آهيون ۽ اميد ته ان ملڪ ۾ وري گهرو ويڙهه نه ٿيندي.

Read Previous

”تحريڪ انصاف بداخلاقي جي سياست آندي، ڀاڙي جا ترجمان آکيرن ۾ لِڪي ويندا“

Read Next

سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي آمريت آهي: فواد چوڌري

Most Popular