پي ڊي ايم حڪومت خلاف وري متحرڪ، ڪراچي ۾ جلسي جو اعلان

پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان 29 جولاءِ تي ڪراچي ۾ جلسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته بدمعاشن کي پارليامينٽ ۾ ويهاريو ويو آهي، انهن خلاف اسان جو احتجاج جاري رهندو.

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فضل الرحمان چيو ته پارليامينٽ ۾ غنڊا گردي سان ايوان جو وقار مجروح ٿيو، ان رويي کانپوءِ پارليامينٽ جي بالادستي ڪيئن ممڪن آهي؟ سڄي ملڪ جي بدمعاشن کي پارليامينٽ ۾ ويهاريو ويو آهي، جنهن خلاف پي ڊي ايم پنهنجي موقف تي قائم آهي، 4 جولاءِ تي سوات ۾ تاريخي جلسو ڪنداسين. جڏهن ته 29 جولاءِ تي ڪراچي ۾ جلسو ٿيندو.

هن چيو ته بجيٽ ڪوڙ تي ٻڌل هئي، جنهن تي پردو وجهڻ لاءِ ڇڪتاڻ ڪئي وئي، بجيٽ ۾ پئسو ناهي، مهانگائي جو جبل ڪِرڻ وارو آهي، اهي رڳو دعوائون ڪندا رهندا، ڇڪتاڻ جو اهو سلسلو هاڻ بلوچستان پهچي ويو آهي، ڌانڌلي سان پيدا ٿيل حڪومتون اهو ئي ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون.

Read Previous

سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي آمريت آهي: فواد چوڌري

Read Next

صوبن سان نه پر ارسا سان جنگ ضرور آهي: سهيل انور سيال

Most Popular