سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي آمريت آهي: فواد چوڌري

سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي تي آمريت مڙهيل آهي.

ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته جيڪو به پئسو سنڌ سرڪار کي ڏيندا آهيون، اهو دبئي مان برآمد ٿيندو آهي، سنڌ جا سڀ کان وڏا دشمن هن وقت صوبي تي راڄ ڪري رهيا آهن، لانچن ۽ جعلي اڪائونٽس سان پئسو ٻاهر ويندو آهي، سنڌ کي ملندڙ پئسي جي مانيٽرنگ ڪئي وڃي.

هن چيو ته وڏو وزير پاڻي جو رڪارڊ گهرڻ تي ڀڄي رهيو آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري عام آبادگار ۽ هاري جو پاڻي چوري ڪري پنجاب تي الزام هڻي رهيو آهي، اهو ٻڌايو وڃي ته فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري جي زمينن تي پاڻي جو وقفو ڇو ناهي هوندو، عوام کي انهن خلاف بيهڻ گهرجي، پ پ آخري ڀيرو چونڊ کٽي، ايندڙ ڀيري سڄي سنڌ پي ٽي آءِ جي هوندي.

Read Previous

ڀارت افغان سرزمين کي پاڪستان خلاف استعمال ڪيو: پرڏيهي وزير

Read Next

پي ڊي ايم حڪومت خلاف وري متحرڪ، ڪراچي ۾ جلسي جو اعلان

Most Popular