ڪوئيٽا ۽ لاهور پي ايس ايل کان ٻاهر، ڪراچي پلي آف ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

ڪراچي ڪنگز پي ايس ايل جي اهم ميچ ۾ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز کي شڪست ڏئي پلي آف مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو، جڏهن ته لاهور قلندرز ۽ ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جون ٽيمون ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ٿي ويون.

ابو ظهبي ۾ ٽاس کٽڻ کانپوءِ پهريان بيٽنگ ڪندي ڪراچي ڪنگز مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 176 رنسون ٺاهيون.

شرجيل خان 45، بابر اعظم 23، چيڊوڪ ويلٽن 34، دانش عزيز 45 رنسن جي اننگز کيڏي.

ڪوئيٽا طرفان عارش خان بهترين بالنگ ڪرائيندي 4 وڪيٽون ورتيون.

جواب ۾ ڪوئيٽا جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 162 رنسون ٺاهي سگهي.

Read Previous

ايران جي صدارتي چونڊن ۾ ابراهيم رئيسي ڪامياب

Read Next

عورت مختصر ڪپڙا پائيندي ته مرد تي اثر ته پوندو: وزيراعظم

Most Popular