عورت مختصر ڪپڙا پائيندي ته مرد تي اثر ته پوندو: وزيراعظم

عمران خان

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا جي نڪرڻ کان اڳ افغان مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو.

آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح موقف اختيار ڪندي چيو ته سرحد پار دهشتگردي روڪ مشن لاءِ پاڪستان سي آءِ اي کي هوائي اڏو نه ڏيندو، آمريڪا افغان جنگ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کنيو، 70 هزار کان وڌيڪ پاڪستاني شهيد ٿيا، پاڪستان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون، پاڪستان ۾ هن وقت 30 لک افغان پناهگير آهن.

هن چيو ته اسان ڇڪتاڻ نه امن چاهيون ٿا، هاڻ اسان ڪنهن به قسم جي تڪرار جو حصو نٿا بڻجڻ چاهيون، آمريڪا جي نڪرڻ کان اڳ افغان مسئلي جو سياسي حل ڪڍڻو پوندو، جوهري هٿيارن جي خلاف آهيان پر پاڪستان جو جوهري پروگرام رڳو ملڪ جي بچاءَ لاءِ آهي.

Read Previous

ڪوئيٽا ۽ لاهور پي ايس ايل کان ٻاهر، ڪراچي پلي آف ۾ جاءِ ٺاهي ورتي

Read Next

کنڊ اسڪينڊل: شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت منظور

Most Popular