پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سنڌ ۾ ڪنهن کي به ايم ڪيو ايم باني واري سياست واپس آڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.
شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنهن اسلامي جمهوري ۽ وفاقي نظام سان ذوالفقار علي ڀٽو سڀني صوبن کي جوڙيو هو، ان تي ڪجهه سياسي جماعتون ۽ ماڻهو حملا ڪري رهيا آهن، سنڌ جا نوجوان سدائين امن پسند رهيا آهن ۽ پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ ڄاڻين ٿا، صوبي ۾ ايم ڪيو ايم باني واري سياست واپس آڻڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ڏينداسين.
هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجهو کَسيو پيو وڃي، اسان اهڙو پاڪستان ٺاهينداسين، جنهن ۾ اٽو، لٽو ۽ اجهو هجي، آئيني حقن تي سوديبازي نه ڪنداسين ۽ صوبن جا حق وفاق کان کسي وٺنداسين، نه رڳو سنڌ پر بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه لاءِ به آواز اٿارينداسين، هر ضلعي ۾ وڃي عوام کي ٻڌائينداسين ته ناانصافي ٿي رهي آهي، توهان جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن.