سکر: روهڙي ۾ مال گاڏي ٻارڙن مٿان چڙهي وئي، ٻه ٻارڙا فوت

سکر ريلوي جي حد ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعو پيش آيو آهي جتي ريلوي لائين ويجهو مال چاريندڙ ٻارڙن مٿان مال گاڏي چڙهي وئي.

ريلوي پوليس موجب واقعو روهڙي ۽ پنوعاقل وچ ۾ منڊو ديرو اسٽيشن ويجهو ان وقت پيش آيو جڏهن مال چاريندڙ چار ٻاڙا ريلوي ٽريڪ تي چڙهي کيڏي رهيا هئا ته اوچتو ريل گاڏي اچي وئي،  مال گاڏي جي ٽڪر سبب 10 سالن جو عبدالفتاح چوهاڻ، 12 سالن جو عبدالحميد ٿڏي تي فوت ٿي ويا. جڏهن ته ثناءُالله ۽ ارباب چوهاڻ زخمي ٿي پيا.

Read Previous

”سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم باني واري سياست واپس آڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين“

Read Next

ايمن جي ناراض ٿيڻ کان پوءِ مان پاڻ به خاموش ٿي نخرا ڏيکاريندو آهيان: منيب بٽ

Most Popular