عورتن جي لباس بابت بيان تي مريم اورنگزيب جي وزيراعظم جي ڇتي تنقيد

وزيراعظم جي عورتن بابت بيان تي ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان جي ان بيان سان دنيا کي ان جي بيمار ۽ عورت سان نفرت ڪندڙ ذهنيت جي جهلڪ ڏسڻ لاءِ ملي.

پنهنجي ردعمل ۾ مريم اورنگزيب چيو ته جنسي زيادتي جو سبب عورتن جو ڪو فيصلو يا قدم ناهي هوندو پر مردن جو ڪِريل ۽ ناپاڪ فيصلو هوندو آهي، عورت سان نفرت ڪندڙ اهو شخص جنسي زيادتي ڪندڙن ۽ قاتلن جو دفاع به ڪري سگهي ٿو.

هن وزيراعظم کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته الله پاڪ پاڻ کي قابو رکڻ کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني آهي.

Read Previous

کنڊ اسڪينڊل: شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت منظور

Read Next

”سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم باني واري سياست واپس آڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين“

Most Popular