”سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم باني واري سياست واپس آڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين“

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان سنڌ ۾ ڪنهن کي به ايم ڪيو ايم باني واري سياست واپس آڻڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

شهيد بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنهن اسلامي جمهوري ۽ وفاقي نظام سان ذوالفقار علي ڀٽو سڀني صوبن کي جوڙيو هو، ان تي ڪجهه سياسي جماعتون ۽ ماڻهو حملا ڪري رهيا آهن، سنڌ جا نوجوان سدائين امن پسند رهيا آهن ۽ پنهنجي حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ ڄاڻين ٿا، صوبي ۾ ايم ڪيو ايم باني واري سياست واپس آڻڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ڏينداسين.

هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ عوام کان اٽو، لٽو ۽ اجهو کَسيو پيو وڃي، اسان اهڙو پاڪستان ٺاهينداسين، جنهن ۾ اٽو، لٽو ۽ اجهو هجي، آئيني حقن تي سوديبازي نه ڪنداسين ۽ صوبن جا حق وفاق کان کسي وٺنداسين، نه رڳو سنڌ پر بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه لاءِ به آواز اٿارينداسين،  هر ضلعي ۾ وڃي عوام کي ٻڌائينداسين ته ناانصافي ٿي رهي آهي، توهان جي حقن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن.

Read Previous

عورتن جي لباس بابت بيان تي مريم اورنگزيب جي وزيراعظم جي ڇتي تنقيد

Read Next

سکر: روهڙي ۾ مال گاڏي ٻارڙن مٿان چڙهي وئي، ٻه ٻارڙا فوت

Most Popular