افغانستان مان نيڪالي، عمران خان سان رابطو نه ڪرڻ تباهي هوندي: آمريڪي سينيٽر

آمريڪي سينيٽر لنزي گراهم چيو آهي ته افغانستان مان سموري فوج جي نيڪالي ۽ ان حوالي سان پاڪستان سان رابطو نه ڪرڻ وارو بائيڊن انتظاميا جو فيصلو وڏي تباهي ثابت ٿيندو.سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پوسٽ ٽوئيٽ ڪندي ري پبلڪن پارٽي سان تعلق رکندڙ ناليواري آمريڪي سينيٽر لنزي گراهم جو چوڻ هو ته هن کي اِهو ٻڌي سخت حيرت ٿي ته صدر بائيڊن هن وقت تائين آمريڪا پاڪستان لاڳاپا ۽ افغانستان جي حوالي سان وزير اعظم عمران خان سان رابطو ئي ناهي ڪيو.لنزي گراهم جو چوڻ هو ته اسان اِها اميد ڪيئن ٿا ڪري سگهون ته پاڪستان سان ڳالهين کان سواءِ افغانستان مان اسان جي واپسي موثر ثابت ٿيندي بائيڊن انتظاميا کي واضح طور تي اِهو لڳي ٿو ته افغانستان ۾ اسان جا مسئلا حل ٿي چڪا آهن.آمريڪي سينيٽر جو چوڻ هو ته افغانستان مان فوج کي ڪڍڻ ۽ ان حوالي سان پاڪستان سان رابطو نه ڪرڻ وارو بائيڊن انتظاميا جو فيصلو وڏي تباهي ثابت ٿيندو ائين چئجي ته عراق ۾ ڪيل غلطي کان به وڏي غلطي هوندي.

Read Previous

ڪورونا وبا سبب وڌيڪ 39 ڄڻا فوت، 930 نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

ها مان ڳورهاري آهيان: صحيفا جبار

Most Popular