ڪورونا وبا سبب وڌيڪ 39 ڄڻا فوت، 930 نوان ڪيس رپورٽ

ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 39 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته 930 نوان مثبت ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ لاءِ 45 هزار 519 ٽيسٽون ڪيون ويون آهن جنهن مان 930 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي.

ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪورونا جي تصديقي ڪيسن جو انگ 950768 ٿي ويو آهي جنهن مان 895690 مريض شفاياب ٿي چڪا آهن. گذريل ڏينهن ان وبا وڌيڪ 39 ڄڻن جي حياتين کي ضايع ڪيو. اهڙي طرح ملڪ ۾ هن وقت تائين ان وبا سبب فوت ٿيلن جو گڏيل انگ 22 هزار 730 ٿي ويو آهي.

Read Previous

وزيراعظم ريپ متاثرن جي توهين ڪئي، کيس شرم اچڻ گهرجي: مريم نواز

Read Next

افغانستان مان نيڪالي، عمران خان سان رابطو نه ڪرڻ تباهي هوندي: آمريڪي سينيٽر

Most Popular