”گئس جي فراهمي روڪي عمران خان ملڪي معيشت کي هڪ ٻيو ڌڪ رسايو آهي“

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي جي صنعتن کي سوئي گئس جي فراهمي روڪي عمران خان ملڪي معيشت کي هڪ ٻيو ڌڪ رسايو آهي.

ڪراچي جي صنعتن لاءِ سوئي گئس جي فراهمي معطل ڪرڻ تي ردعمل ڏيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو حيرت جي ڳالهه آهي ته سڄي ملڪ ۾ رڳو ڪراچي جي صنعتڪارن لاءِ گئس جي فراهمي بند ڪئي پئي وڃي، سنڌ جي سڀني 14 گئس فيلڊز ۾ بحالي جو ڪم هڪ ئي وقت شروع ڪرڻ جي دعويٰ کانپوءِ ڪراچي جي صنعتن کي گئس فراهمي بند ڪئي وئي.

هن چيو ته ڪراچي جي صنعتن کي گئس فراهمي روڪي عمران خان ملڪي معيشت کي هڪ ٻيو ڌڪ رسايو آهي، صنعتن لاءِ گئس فراهمي بند ڪري نه رڳو ملڪي برآمدن پر صنعتڪارن جي ساک کي به داءَ تي لڳايو ويو آهي، جڏهن ته آئيني طور گئس تي پهريون حق گئس پيدا ڪندڙ بلوچستان ۽ سنڌ جو آهي.

Read Previous

سڪرنڊ ۾ نائين ڪلاس جي شاگرد آپگهات ڪري ڇڏيو

Read Next

پي ايس ايل فائنل کان اڳ پشاور زلمي کي وڏو ڌڪ، ٻه اهم رانديگر معطل

Most Popular