پي ايس ايل فائنل کان اڳ پشاور زلمي کي وڏو ڌڪ، ٻه اهم رانديگر معطل

پاڪستان سپر ليگ 6 جي فائنل کان اڳ پشاور زلمي کي وڏو ڌڪ لڳو آهي ۽ بائيو سيڪيور ببل جي ڀڃڪڙي تي حيدر علي ۽ عميد آصف کي معطل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته پشاور زلمي جي حيدر علي ۽ عميد آصف کي بائيو سيڪيور پروٽوڪولز جي ڀڃڪڙي تي معطل ڪيو ويو آهي.

بورڊ موجب ٻنهي رانديگرن کي پي ايس ايل فائنل ۾ شرڪت جي اجازت نه هوندي، جڏهن ته حيدر علي انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي دوري کان به ٻاهر ٿي ويو آهي.

Read Previous

”گئس جي فراهمي روڪي عمران خان ملڪي معيشت کي هڪ ٻيو ڌڪ رسايو آهي“

Read Next

ايون فيلڊ ۽ العزيزيا ريفرنس ۾ سزائن خلاف نواز شريف جون اپيلون رد

Most Popular