ايون فيلڊ ۽ العزيزيا ريفرنس ۾ سزائن خلاف نواز شريف جون اپيلون رد

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايون فيلڊ ۽ العزيزيا ريفرنس ۾ احتساب عدالت مان سزائن خلاف اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جون ٻئي اپيلون خارج ڪري ڇڏيون.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بئنچ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ نواز شريف کي احتساب عدالت طرفان ٻڌايل سزائون برقرار رکيون ويون آهن.

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ڏينهن نواز شريف جي غير موجودگي ۾ سزا خلاف اپيلون ٻڌڻ جي قانوني نڪتي تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

اڄ عدالت 9 صفحن تي ٻڌل تحريري فيصلو جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف ڀڳوڙو آهي، تنهن ڪري ان جون درخواستون خارج ڪرڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي، نواز شريف واپس اچي يا پڪڙيو ويندو ته اپيل بحالي جي درخواست ڏئي سگهي ٿو.

ياد رهي ته جولاءِ 2018 ۾ اسلام آباد جي احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 11 ڏينهن ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز کي 8، جڏهن ته ان جي ناٺي ڪيپٽن (ر) صفدر کي هڪ سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي.

Read Previous

پي ايس ايل فائنل کان اڳ پشاور زلمي کي وڏو ڌڪ، ٻه اهم رانديگر معطل

Read Next

ڪراچي ۾ ڪجهه تيل ڪمپنين سڀاڻي کان پيٽرول جي سپلاءِ کان معذرت ڪري ورتي

Most Popular