فون تي 5 منٽ کان وڌيڪ ڳالهائڻ تي ٽيڪس لاڳو

ناڻي واري وزير شوڪت عزيز چيو آهي ته کير، بيضن ۽ اٽي سميت کائڻ پيئڻ جي ڪيترين ئي شين تان ٽيڪس ختم ڪيو پيو وڃي.

قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ناڻي واري وزير شوڪت عزيز جو چوڻ هو ته حڪومت سنڀالي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي منهن ڏيڻو پيو هو، مجبوري ۾ آءِ ايم ايف وٽ وياسين ته هن سخت شرطون رکيون، هن گيس ۽ بجلي جا اگهه وڌائڻ جو چيو، ۽ چيو ته پيسا تيستائين نه ڏينداسين جيستائين شرطن نٿا مڃون آءِ ايم جي شرطن سان ترقي بيهي وئي هئي، عمران خان ڏکين حالتن ۾ دليري سان سخت فيصلا ڪيا.

 ناڻي واري وزير چيو ته معيشت اڃا سنڀلي ئي هئي ته ڪورونا وائرس جون ٽي لهرون آيون، ڪورونا جي دور ۾ سڄي دنيا ۾ نيگيٽو گروٿ ٿي ۽ ان جي ڪري اسان جي گروٿ به منفي ۾ وئي، وزير اعظم ڪمال حڪمت عملي سان ان وبا جو مقابلو ڪيو ۽ مڪمل لاڪ ڊائون  جي بدران اسمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي اختيار ڪئي، جي ڊي پي جي شرح اندازن کان وڌي چار سيڪڙو تائين پهچي وئي، ۽ عمران خان جي ڪورونا جي حوالي سان قدمن کي دنيا ۾ ساراهيو ويو.

Read Previous

ڪرش سيريز جي چاهيندڙن لاءِ خوشخبري

Read Next

ايف اي ٽي ايف جو پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو

Most Popular