ايف اي ٽي ايف جو پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو

ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) طرفان پاڪستان کي 27 نقطن تي عملدرآمد ڪرڻو هو جنهن مان پاڪستان طرفان هڪ تي عملدرآمد باقي رهجي ويو، پر ايف اي ٽي ايف پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

فيٽف پاڪستان جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪستان ايڪشن پلان تي عملدرآمد ڪري رهيو آهي، پر ان کي ايندڙ چار مهينن تائين گري لسٽ ۾ برقرار رکيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان 27 مان 26 پوائنٽس تي عملدرآمد ڪري چڪو آهي، پر فيٽف پاڪستان کان مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ تي جوابدارن کي عبرت ناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪري شاهديون فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

Read Previous

فون تي 5 منٽ کان وڌيڪ ڳالهائڻ تي ٽيڪس لاڳو

Read Next

سبي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ ايف سي جا 5 جوان شهيد

Most Popular