سبي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ ايف سي جا 5 جوان شهيد

سبي جي علائقي سنگن ۾ دهشتگردن ايف سي جي پيٽرولنگ پارٽي تي حملو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 5 جوان شهيد ٿي ويا.

پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب بلوچستان جي ضلعي سبي جي علائقي سنگن ۾ دهشتگردن ايف سي جي پيٽرولنگ پارٽي تي حملو ڪري ڏنو، حملي جي نتيجي ۾ ايف سي بلوچستان جا 5 جوان شهيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ دهشتگردن کي ڳرو مالي ۽ جاني نقصان کڻڻو پيو، جڏهن ته ايف سي بلوچستان دهشتگردن جي فرار ٿيڻ واري رستي کي بلاڪ ڪري سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

Read Previous

ايف اي ٽي ايف جو پاڪستان کي گري لسٽ ۾ برقرار رکڻ جو فيصلو

Read Next

آمريڪا هميشه پاڪستاني سهڪار اڻ ڪافي سمجهيو، برابري جي سطح تي لاڳاپا ٿا چاهيون: وزير اعظم

Most Popular