مقصود تي قسمت جي ديوي مهربان، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز دوري لاءِ ٽيم ۾ شامل

مڊل آرڊر بيٽسمين صهيب مقصود کي انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز دوري لاءِ قومي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

صهيب مقصود کي حيدر علي جي جاءِ تي قومي اسڪواڊ ۾ جاءِ ملي آهي، جنهن کي عميد آصف سان گڏ پي ايس ايل ۾ بائيو سيڪيور پروٽوڪولز جي ڀڃڪڙي تي معطل ڪيو ويو ۽ حيدر علي کي انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز دوري لاءِ به ٽيم مان ڪڍيو ويو آهي.

پاڪستاني اسڪواڊ سڀاڻي انگلينڊ لاءِ روانو ٿيندو ۽ صهيب مقصود جي خوش قسمتي اها آهي ته هو رڳو 24 ڪلاڪ اڳ قومي اسڪواڊ جو حصو بڻجي ويو آهي.

چيف سليڪٽر محمد وسيم قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق سان صلاح مشوري کانپوءِ حيدر علي جي جاءِ تي صهيب مقصود کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو.

Read Previous

سلمان خان صفا ناهي وڻندو: ڪرينا ڪپور

Read Next

سنڌ ۾ سڀاڻي کان مزارون کولڻ جو اعلان

Most Popular