سنڌ ۾ سڀاڻي کان مزارون کولڻ جو اعلان

Pakistani security personnel deploy outside the shrine of 13th century Muslim Sufi saint Lal Shahbaz Qalandar, a day after a bomb blew up at the shrine in the town of Sehwan in Sindh province, some 200 kilometres north-east of the provincial capital Karachi on February 17, 2017. 017. Pakistan launched a nationwide security crackdown, officials said, after a bomb ripped through a crowded Sufi shrine, killing at least 70 people including 20 children and wounding hundreds. / AFP PHOTO / ASIF HASSAN

سنڌ حڪومت صوبي ۾ سڀاڻي کان مزارون کولڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

سنڌ جي گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ سموريون مزارون سڀاڻي کان کوليون وينديون پر لنگر تي پابندي هوندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ انڊور جم، سوئمنگ پول ۽ اميوزمنٽ پارڪ به سڀاڻي کان کوليا ويندا.

پڌرائيءَ موجب سڀني مزارن تي ايس او پيز تي عمل لازمي ڪيو ويندو، زائرين ۽ عملو ماسڪ لازمي پائيندو، مزارن جي سڀني داخلي رستن تي سينيٽائرز موجود هوندا، اتي احتياط ڪرڻ وارا بئنر لڳل هوندا، عوام کي رڳو 10 منٽ مزار ۾ رهڻ جي اجازت هوندي ۽ رش تي به پابندي هوندي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته 50 ورهين کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن ۽ ٻارن، کنگهه ۽ بخار جي علامتن وارن کي داخلا جي اجازت نه هوندي، مزارن ۾ روز جي بنياد تي اسپري ۽ صفائي لازمي هوندي.

Read Previous

مقصود تي قسمت جي ديوي مهربان، انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز دوري لاءِ ٽيم ۾ شامل

Read Next

آزاد ڪشمير جو ايندڙ وزيراعظم پ پ جو جيالو هوندو: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular