حڪومت آهي ئي نه ته ويندي ڪيئن؟ آصف زرداري

پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت آهي ئي نه ته ويندي ڪيئن؟

اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ پارليامينٽ هائوس پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي.

صحافي اڳوڻي صدر کان سوال ڪيو ته توهان چيو هو حڪومت هلي ويندي، هاڻ ڪهڙي صورتحال ڏسي رهيا آهيو؟

آصف زرداري جواب ڏيندي چيو حڪومت آهي ئي نه ته ويندي ڪيئن؟ هجي ته ويندي نه، اهي ته زوري گهڙي نظام هلائي رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته افغانستان جي صورتحال خطرناڪ آهي، ان جا اثر پاڪستان تي پئجي سگهن ٿا، ان حوالي سان اسان کي سوچڻو به آهي ۽ ان تي نظر به رکڻي آهي.

اسرائيلي اختيارين سان ملاقاتن تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ کي ضرور هر معاملي تي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي.

Read Previous

ملڪيت جي تڪرار تي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا

Read Next

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڀارت کان گڏيل عرب امارتن ۾ منتقل

Most Popular