ملڪيت جي تڪرار تي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا

سربند واري علائقي ۾ ملڪيت جي تڪرار تي فائرنگ ۾ 5 ڄڻا قتل ٿي ويا.

پوليس موجب ٻن ڌرين ۾ پشتخره بالا ۾ ملڪيت جي تڪرار  تي جرڳو جاري هو ته اوچتو فائرنگ ٿي پئي جنهن ۾ هڪ ڌر جا 2 ۽ ٻي ڌر جا 3 ڄڻا مارجي ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾هڪ شخص سخت زخمي به ٿيو آهي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ مقتولن جا لاش به پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جڏهن ته واقعي بابت شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن.

Read Previous

ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ لاهور ڌماڪي جي سهولتڪار آهي: فردوس عاشق اعواڻ

Read Next

حڪومت آهي ئي نه ته ويندي ڪيئن؟ آصف زرداري

Most Popular